وارھ ۾ سوشل ميڊيا فارم جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

waah sepco

وارھ ۾ سوشل ميڊيا فارم جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي  ڪارڪنن  راجا کاوڙ، نجيب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي هنن چيو ته  بجلي جي لوڊشيڊنگ شهرين جو سک ڦٽائي ڇڏيو آھي.

 هنن وڌيڪ چيو ته ڪو به ٽائيم ٽيبل نه هجڻ ڪري شهر ۾ ڪاروبار ٺپ ٿي ويوآهي.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو آهي ته سيپڪو جي موجوده عملي کي هٽائي لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*