بلوچستان نيشنل پارٽي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اڄ به بلوچستان جون واڳون لاهور مان هلايون پيون وڃن

hub

بلوچستان نيشنل پارٽي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اڄ به بلوچستان جون واڳون لاهور مان هلايون پيون وڃن، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي گوادر جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪنداسين.

حب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته خضدار وانگر ضرورت پوڻ تي لسٻيلا ۾ به اتحاد ڪنداسين.

هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪجهه سياستدان هميشه پارٽيون تبديل ڪندا رهندا آهن، انهن کي عوام جي نه پر پنهنجي مفادن جو فڪر هوندو آهي.

اختر مينگل چيو ته مان لسبيلا ۽ گوادر مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندس.

 هن چيو ته جيڪي نازڪ طبيعت جا ماڻهو آهن اهي گهر وڃي ويهي رهن، اسان جهموري ماڻهو آهيون گرمي ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين.

 اختر مينگل چيو ته گوادر کي هميشه حڪمرانن نطرانداز ڪيو آهي، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي گوادر جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*