امريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏجي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

trump and kim juongj

امريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏجي  ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي،  امريڪي صدر ٽرمپ ۽ اترڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سموريون تلخيون، بيان ۽ ڌمڪيون هڪ پاسي تي رکي هڪ ٻئي سان هٿ ملائي ڇڏيو.

 ٻنهي اڳواڻن ۾ سنگاپور جي هوٽل ۾ تاريخي ملاقات ٿي آهي.

صدر ٽرمپ ۽ اترڪوريائي سربراهه ڪم جونگ ان ۾ سنگاپور ۾ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي.

        سنگاپور جي سينٽوسا آئي لينڊ ۾ ٿيندڙ هن تاريخي ملاقات لاءِ ڪم جونگ اُن پنهنجي وفد سان گڏ هوٽل پهتو ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ صدرٽرمپ پڻ قافلي سميت هوٽل پهچي ويو.

امريڪا ۽ اترڪوريا جي سربراهن ملاقات جي آغاز ۾ هڪٻئي سان هٿ ملايو، ان موقعي تي ٻئي سنجيده نظر آيا، پر ڳالهه ٻول ٿي ته چهرن تي مسڪراهٽ به اچي وئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ملايا ويا.

45 منٽن تائين جاري رهندڙ نويڪلائي واري ملاقات ۾ اتر ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو معاملو سرفهرست هو.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪي سربراهن هڪ ٻئي سان ترجمي نگارن ذريعي ڳالهه ٻول ڪئي.

     ميڊيا رپورٽ موجب ان موقعي تي صدر ٽرمپ ڪم جونگ اُن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ساڻس هي ملاقات سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ اسين گڏجي وڏي ڪاميابي حاصل ڪنداسين، جڏهن ته صدر ڪم جونگ ان جو چوڻ هو ته هنن هن ملاقات لاءِ سڀني خدشن ۽ قياس آرائين کي رد ڪيو، مون کي يقين آهي ته هي ملاقات امن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندي.

 هن وڌيڪ چيو ته سموري دنيا جون نظرون هنن لمحن تي لڳل آهن، ڪيترائي ماڻهو هن کي خيالي ۽ سائنس فڪشن فلم جو سِين سمجهي رهيا هوندا.

  اتر ڪوريا جي سربراهه سان ملاقات کان پهرين ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جئه اِن امريڪي صدر ٽرمپ کي فون ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

  ان موقعي تي صدر ٽرمپ چيو ته سربراهه ملاقات ختم ٿيندي ئي نتيجن کان آگاهي لاءِ امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کي ڏکڻ ڪوريا موڪليو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*