لائيف چينجنگ ٿاٽس

 

لا ئيف چينجنگ ٿاٽس

(Life Changing Thoughts)

ارم گل

اڪثر مونکي دوست رشتيدار اهو چوندا آهن ته هاڻي تون وڏن وڏن موضوعن تي لکڻ شروع ڪر. جهڙوڪ سياست ، رياست ، انقلاب  ملڪي غير ملڪي معاملا وغيره وغيره . جن تي لکڻ سان هڪ  اڀرندڙ ليکڪ جي ساک ٺهي ٿي ۽ ماڻهو ان طرف متوجا ٿين ٿا پر مان ٿورو مختلف سوچيندي آهيان. ۽ گهڻي قدر سماجي مسئلن کي ترجيح ڏيندي آهيان ۽گهمي ڦري ان ڳالهه تي پهچندي آهيان  ته جيستائين ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه ڏسندا پنهنجو پاڻ نه سڃاڻيندا ۽ پنهنجي سوچ ۾ ڪا تبديلي نه آڻيندا ايستائين اهي ملڪي غير ملڪي  يا  ٻيا ٽيا معاملا ڄاڻي ڇا تبديل ڪري ڇڏيندا ؟  اڄ مان پڙهندڙن سان هڪ  اهڙي سماجي ڪارڪن جي سوچ اوهان سان شيئر  ڪندس  جيڪو  نه صرف اسان مايوس ماڻهن مان هڪ آهي پر زندگي جون ايتريون ٺوڪرون کائي چڪو آهي جيڪي عام سوچ رکندڙ ماڻهن کي مايوسي جي دلدل ۾ ڌڪينديون آهن.پر اڄ هن شخص هندستان جي نوجوانن کي هڪ نئي  راهه ڏني آهي ۽  مان اهو ضروري ٿي سمجهان ته اسان جي سنڌي عوام جيڪا ذهني طور تي مفلوج ٿي رهي آهي جنهن کي هڪ نئي سوچ هڪ نئي اتساهه جي ضرورت آهي.انهن سان شيئر ڪيان .مان پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هڪ نوجوان سنديپ مهيشوري جو تعارف ڪرائڻ ٿي چاهيان.جيڪو اسان جهڙي مڊل ڪلاس خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ جيڪو ڪاميابي جي چڪر ۾ ڪيترا ڀيرا فيل ٿي ويو.جڏهن هو زندگي ۾ بار بار فيل ٿي ويو ته ان پنهنجي ناڪامي جي جڙ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بلاخر هو ان ۾ ڪامياب ويو هاڻي هو اهي سبب پوري دنيا جي ماڻهن سان شيئر ڪرڻ لاءِ هڪ مهم جو آغاز ڪيو آهي جنهن ذريعي هو ماڻهن ۾ هڪ نئي سوچ نئي اميد ۽ نوان چيلنج پيدا ڪري ٿو.مان ان جي چند وڊيوز ڏٺيو جن مان مان جيڪو پرايو اهو اوهان سان ضرور شيئر ڪندس ڇو ته هن جو مقصد ئي ماڻهن ۾ شيئرنگ ڪرڻ جو عمل  پيدا ڪرڻ آهي.جيئن هن چيو ته

If you have more than you need, simply share it with those who need it the most.

اسان وٽ ڪاميابي جي وصف اها آهي ته جنهن وٽ سٺي ڊگري ، نوڪري ،ڪار ،بنگلو،بينڪ بيلنس آهي اهو ئي دنيا جو ڪامياب شخص آهي ۽ جنهن وٽ اهو سڀ ناهي اهو ناڪام شخص آهي.۽ انهي ئي سوچ جي ڪري ڪيترائي نوجوان .ڊگرين جي باوجود پيسو ڪمائن لاءِ هر اهو ڪم ڪندا آهن جيڪو انهن کي پسند هجي يا نه هجي .جيئن ڊگري ڊاڪٽري جي ڪم ڪندا اين جي اوز ۾، ڊگري ايم بي اي جي ڪم ڪندا صحافت ۾. پڙهائي بائيولاجي جي ڪئي ۽ نوڪري اسڪول ۾ ٽيچري جا ڪندا. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن کي ڪرڻ سان اسان پنهنجي زندگي مشڪل تر مشڪل ڪندا آهيون ۽ ڏوهه وري قسمت تي ڏيندا آهيون.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انسان پنهنجي هر عمل جو ذميوا پاڻ آهي پر اها ڳالهه هو مڃڻ جي همت ناهي رکندو ان ڪري هو ٻين جو سهارو وٺي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سنديپ جو چوڻ آهي ته ڪاميابي جي ڪا هڪ وصف ناهي اها وقت سان بدلجندي رهندي آهي.مثال هڪ انگريز پاڪستان ۾ اچي ڊرائيونگ ڪري ته هو ان ۾ گهڻي قدر ناڪام ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جي روڊ رستن کان واقف نه هوندو جنهن سبب هو ايڪسيڊنٽ ڪري يا چالان ٿي سگهي ٿو پر بنسبت ان جي هڪ پاڪستاني ان عمل ۾ ڪامياب هوندو. ساڳي طرح هو پهنجي ملڪ ۾ ان ساڳيءِ ڪم ۾ ڪامياب هوندو.اهڙي طرح اهڙا لاتعداد عمل هوندا آهن جن ۾ اسان ڪامياب هوندا آهيون پر مڃيندا ناهيون ۽ مڃيندا ان ڪري ناهيون ڇو ته ننڍپڻ کان ئي اسان جي ذهنن ۾ اهڙيون ناڪاري

جي صورت اختيار belief ڳالهيون وڌيون وينديون آهن جيڪي اڳيان هلي هڪ

ڪري اسان جي دماغ کي بند ڪري ڇڏينديون آهن.جيئن هڪ غريب ٻار جي ماءُ ان کي ٻڌائيندي ته اسان غريب آهيون ۽ اها اسان جي قسمت آهي.يا اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته نوڪري ملڻ ايتري آسان ناهي.سماج کي بدلائڻ ڪو آسان ڪم آهي ڇا؟ پيسو به هر ڪنهن جي قسمت ۾ ناهي.سٺي گهرواري يا گهروارو قسمت وارن کي ملندو آهي.اهڙي قسم جا هزارين جملا اسان ننڍپڻ کان وٺي ٻڌندا آهيون جيڪي اسان جي سوچن تي هڪ قسم جو ڍڪ رکي ڇڏينديون آهن ۽ جنهن سبب اسان اهو به محسوس ناهيون ڪري سگهندا ته اها “ نه” اسان جي پيدا ڪيل آهي جيڪڏهن اسان “نه” جي پاران انهن ساڳين جملن ۾ “ها” ڪري ڇڏيون ته زندگي ڪجهه ٻئي هوندي سوچ ڪجهه مختلف هوندي ۽ عمل جيڪو هوندو سو انقلاب آڻي ڇڏيندو. جيئن اسان جي سوچ ٿي وڃي ته ها سماج کي بدلائڻ آسان آهي ته پوءِ اسان جو عمل اسان جي هر ڪم کي آسان بڻائيندو.پر ٿيندو ائين آهي ته اسان   ۾ هڪ the secretجي زندگي ٻين جي محتاج هوندي آهي جيئن انگريزي فلم

جملو چوندا آهن ته جڏهن اوهان جي اندر جي آواز ٻاهرين نظرين مشورن ۽ جملن کان طاقتور ٿي وڃي تڏهن سمجهي وڃو ته هاڻي اوهان پنهنجي زندگي جا مالڪ

ٿي چڪا آهيو.جيئن ته اسان ڪجهه سمجهدار ٿي رهيا آهيون ان ڪري اڪثر   پر اسان کي   .پرThink Positive هي جملو به بار بار ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته

اها به خبر ناهي ته هاڪاري سوچ چوڻ سان هاڪاري نه ٿيندي ڇو ته هڪ سائنسي مشاهدي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انساني ذهن ۾ هڪ ڏينهن ۾ 60 هزار سوچون اينديون آهن پوءِ انهن سوچن  مان ڇا اچڻ گهرجي ۽ ڇا نه اچن گهرجي اهو اسان  طئه ڪري سگهون ٿا؟ ڇا سوچ تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو؟ . جڏهن ته اها سوچ ئي آهي جيڪا اسان جي مسئلن ۾ اضافو ڪري اسان جي زندگي کي مشڪل بڻائيندي آهي سنديپ جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن هڪ اهي جيڪي پنهنجي مسئلن کي پاڻ وڏو ڪندا آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي هر وڏي مسئلي کي آسان سمجهندا آهن.هاڻي طئه اهو ڪرڻو آهي ته اسان ڪهڙن ماڻهن ۾ اچو ٿا؟ مان پڙهندڙن کان هڪ سوال پڇندس ته ڇااسان اها ڳالهه ڪڏهن سوچي اهي ته اسان جو عمل ڪيئن ٺهندو آهي.جيڪي اسان چوندا آهيون ان جي ذريعي  ا يا جيڪي ٻيا اسان لاءِ سٺو سمجهندا آهن  يا طئه ڪندا آهن .ان جا مثال اوهان پنهنجي روزمرهه جي زندگي کي جاچي ڳولي سگهو ٿا.پر مان هڪ ڳالهه اوهان کي واضع طور سمجهائڻ چاهيان ٿي

جي بنيادن تي ٺهندڙ سوچ اڄ اسان جي عادت ٿي چڪي آهي جيڪاbelief ته

تبديل ڪرڻ مشڪل ناهي پر اسان چاهيون ته مشڪل ٿي به سگهي ٿي جيئن اسان جي عادت ٿي وئي آهي اهو مڃڻ جي ته سدائين اسان سان برو ٿيندو آهي پر در حقيقت اهو برو هوندو ناهي پر برو لڳندو آهي جيئن چوندا آهن ته انسان خراب ناهي هوندو بلڪه ان مٿان حالات خراب ٿي پوندا آهن اسان جي ذهنن ۾ ڪوڙن عقيدن ۽ يقينن جي تهه چڙهيل آهي جن کي ٺهڻ ۾ ته صديون لڳيون آهن پر ٽٽڻ ۾ هڪ سيڪينڊ لڳندو.جيئن هڪ عام عقيدو آهي ته دنيا ملڪ يا سماج ڪي حڪومتون تبديل ڪنديون ۽ سڌارو تڏهن ايندو . ان ڪري اسان پنهنجي سماجي اخلاقي ۽ شهري حقن ۽ فرضن کان اجيا ٿي اهڙين فضول عادتن ۾ ڦاسي پوندا آهيون جيڪي اسان جي زندگي کي ناسور بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ ان ڳالهه جي اسان کي خبر به ناهي پوندي ته اسان پاڻ سان ڪهڙو ظلم ڪري رهيا آهيون.جيئن اسان کي خبر آهي ته 8 ڪلاڪ جي ننڊ اسان لاءِ ضروري آهي پر اسان عمل ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون ڇو ته اسان کي ذميوارين جو احساس ناهي هوندو .ساڳي طرح اهڙا انيڪ ڪم ۽ عادتون اسان ٿي حاوي ٿي چڪيون آهن جيڪي اسان کي اڳيان وڌڻ کان روڪينديون آهن.جيئن اڄڪلهه هڪ نئون

پئي گذري.boorمسئلو نوجوانن ۾ اڀريو آهي ته فلاڻي ڪم ۾ مزو ناهي.زندگي

پر حقيقت ۾ سوال صرف دلچسپي جو هوندو آهي.جيڪو ڪم اسان بنا روڪي بنا ٿڪي بغير فائدي يا نقصان  جي ڪندا آهيون ان ۾ ئي اسان جي دلچسپي هوندي آهي ۽ اهو ئي اسان جي اندر جو آواز آهي.مثال مهنجو دل چوي ٿو مان لکان هڪ ليکڪ ٿيان پر ماڻهو چوندا ته ان ۾ ڪو فائدو ناهي ان جي بدران ڪا اين جي جوائن ڪر يا گورنمينٽ جي نوڪري هٿ ڪر .پوءِ ڇا مونکي اين جي اوز ۾ مزو ايندو؟ مان گهڻو وقت اتي گذاري سگهندس؟ نه! بلڪل به نه…ڪجهه وقت کانپوءِ اها جاب ڇڏي ڪنهن ٻي هنڌ ويندس ۽ اهڙي طرح رلي پني ناڪام ٿي مايوس ٿي ويهي رهندس ۽ پاڻ کي ناڪام قرار ڏئي پنهنجي آتما جو قتل ڪري ڇڏيندس .پر جيڪڏهن مان لکڻ کي جاري رکان ته اڄ مونکي فائدو نه به ٿئي پر هڪ ڏينهن آئون ضرور هڪ اهڙي ليکڪا ٿي ويندس جنهن کي دنيا ساراهيندي ۽ اهي ماڻهو فخر ڪندا جيڪي اڄ مون تي ٺٺوليون ڪن ٿا يا مونکي اڳتي وڌڻ کان روڪين ٿا.مان مٿي مثال ۾ پاڻ کي ان ڪري شامل ناهي ڪيو ته مونسان ائين آهي پر ان لاءِ ڪيو آهي ته اوهان مان هر هڪ پاڻ کي ان جاءِ تي رکي ۽ محسوس ڪري ته ڇا واقعي اهو سچ آهي.سنديپ جو مڃڻ آهي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ 90 سيڪڙو ڪامياب هوندا آهيون پر مڃيندا ناهيون.هن جو مڃڻ آهي ته دنيا ۾ ڪو به ڪم مشڪل ناهي ۽ ڪو به ڪم آسان ناهي. بس اسان جي مڃڻ يا نه مڃڻ سان شيون ٿينديون آهن.۽ شيون اهي عملي ٿينديون آهن جيڪي اسان جي سوچ ۾ هونديون آهن.

If you even can’t change the way to read, how can you change to think?

جن ماڻهن جي سوچ صرف پيسو ڪمائڻ هوندي آهي انهن کي هي ليک بلڪل پسند ڪونه ايندو ڇو ته هن آرٽيڪل جو مقصد پيسو ڪيئن ڪمائجي اهو ٻڌائڻ ناهي بلڪه اها زندگي جيڪا ڪامياب هجي ۽ جنهن ۾ خوشي هجي زندگيءِ .آسان هجي. هڪ ڀرپور لطف اندوز هجي.جنهن ۾ پراعتماد حوصلو هجي

هجي.جنهن ۾ خراب ۽ سٺي قسمت جا پوئلڳ نه هجن بلڪهCommitment

پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ هجن.ائين هرگز ناهي ته جن وٽ پيسو آهي اهي خوش آهن ۽ ڪامياب آهن بلڪ جنهن وٽ خوشيون آهن ۽ ٻين کي خوش رکڻ جو اتساهه آهي اهي ڪامياب آهن چون ٿا ته اگر اوهان خوش رهڻ چاهيون ٿا ته خوشي ڏيو. اوهان ٻين کي ڪاوڙ غصي يا حڪارت سان ڏسندا ۽ اميد رکندا ته ٻيا اسان کي خوش ڪن ته ائين ناهي.اڪثر ماڻهو اهو ئي سوچيندا آهن ته اسان کي سڀ ڪجهه ملي پر اسان ڪجهه ڏيون نه.پنهنجي سوچڻ جو ڍنگ تبديل ڪيو باقي سڀ ڪجهه پاڻ ئي تبديل ٿي ويندو.“انسان وهي بنتا هي جو وه سوچتا هي”

 

Comments

  1. Ejazkhoso
    Ejazkhoso 17 April, 2016, 11:34

    Very Nice……

    Reply this comment
  2. zaheer abbas
    zaheer abbas 5 June, 2016, 13:17

    awahan bilkul thek tha chao per asan ja marhoon in galh khe na majenda cho jo uhe zehni ghulam ahin aen eha na khatm thendar ghulami aheee…………..

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*