عمران خان پاران ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تي چونڊ وڙهڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

imran ismail

عمران خان پاران ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تي چونڊ وڙهڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران  خان تي پنهنجي ڌي کي تسليم نه ڪرڻ وارو ڪيس هلي رهو آهي، کيس چونڊ وڙهڻ کان روڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه خلاف داخل سمورن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ڪراچي جي تڪ اين اي 243 تي چونڊ وڙهڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

درخواستگذار عبدالوهاب بلوچ موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءَ تيار ناهي، جنهن ليڊر تي ڪيس هجي ته اهو چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.

درخواستگذار اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به جنهن ليڊر تي ڪيس هلندڙ هجي ته ان کي چونڊن ۾حصو وٺڻ جي اجازت ناهي هوندي.

درخواست ۾ اهيو به موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان خلاف سمورا ثبوت موجود آهن،اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي نظرثاني ڪندي.

آر او آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان خلاف داخل ڪرايل درخواست تي جواب اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايو ويو آهي.

عمران اسماعيل  جو چوڻ هو ته پارٽي سربراهه خلاف سمورن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان کي ادارن مان مڪمل انصاف  جي اميد آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*