دڙو پي ايس 40 جي تڪ تي پ پ اميدوار فصيح احمد شاھ کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ خلاف مختلف برادرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

dor pas

دڙو  پي ايس 40  جي تڪ تي پ پ اميدوار فصيح احمد شاھ کي  ٽڪيٽ نه ڏيڻ خلاف مختلف برادرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

شاهي وساڻ ۽ محمد علي شاھ جي اڳواڻي ۾مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن صحافين سان مخاطب ٿيندي چيو ته سيد خاندان پ پ سان هميشه سچا رهيا آھن،  عوام جي هڏڏوکي سيد فصيح کي  پي ايس 40 تي ٽڪيٽ نه ڏئي زيادتي  ڪئي وئي آھي .

احتجاج ڪندڙن پ پ جي اعليٰ قيادتن کان گهر ڪندي چيو ته مسڪينن جي سار لهندڙ هن شخص کي ٽڪٽ ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*