جوهي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

johi

جوهي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بنده علي لغاري ۽ امين وگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو  پاران  16 کان 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،  شهر جي مختلف پاڙن ۾  10 کان وڌيڪ ٽرانسفارمرگذريل هڪ مهيني کان سڙيل آهن، جيڪي تبديل ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن ۽  عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو خلاف نوٽيس وٺي جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*