رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب اتر سنڌ ۾ ساريالو فصل سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي

larakana rice canal

رائيس ڪينال ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب اتر سنڌ ۾ ساريالو فصل سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

 رائيس ڪينال ۾ 10 ھزار 200  ڪيوسڪ جي جاءِ تي صرف 3هزار  ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو، پاڻي تري ۾ وھڻ سبب ڪنھن بھ شاخ يا واھ ۾ نھ پھتوآهي.

رائيس ڪينال تي سرڪاري انگن مطابق 9 لک ايڪڙ ۽ غير سرڪاري انگنـ موجب 14 لک ايڪڙ ساريالو فصل ٿئي ٿو، پر پاڻي اڻلڀ ھجڻ سبب ڪٿي بھ آبادگار سارين لاءِ ٻيجارو بھ پوکي نھ سگھياآهن.

پاڻي جي 91 واري ٺاهه مطابق پاڻي کوٽ جي صورت ۾ ٻين ڪئنالن کي گھٽ ڪري بھ رائيس ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻو آھي.

جڏهن ته ھاءِ ڪورٽ جي حڪم مطابق رائس ڪينال ۾ ھر صورت ۾ پنج مئي تائين پاڻي ڏيڻو آھي، پوءِ به مھينو گذرڻ باوجود پاڻي نھ پھتوآهي.

 سنڌو درياھ تي رائيس ڪينال اهو واحد ڪينال آھي جيڪو صرف ساريالي فصل لاءِ مخصوص ۽ صرف 3 مھينا ھلندو آھي.

آبپاشي کاتي پاران رايس ڪينال ۾ ڇڏيل 3هزار ڪيوسڪ تري ۾وھڻ سبب شاخون ۽ واٽر ڪورس سڪل ۽ آبادگار پريشان آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*