نئون ديرو جي ڳوٺ ڀرچونڊ واسين بلاول ڀٽوکان مايوس ٿي، پي ايس 10 تي پنهنجو اميدوار بيهاري ڇڏيوآهي

naudero

نئون ديرو جي ڳوٺ ڀرچونڊ واسين بلاول ڀٽوکان مايوس ٿي، پي ايس 10 تي پنهنجو اميدوار بيهاري ڇڏيوآهي.

رهواسين پ پ جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي، پي ايس 10 تي فريال ٽالپر جي سامهون پنهنجو  اميدوار نامزد ڪيو آهي.

مهيني کان بجلي جو سڙِيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن رهواسين پاران بلاول ڀٽو زرداري آڏو قرآن  پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو.

پ پ چيئرمين پاران نظر انداز ڪرڻ توڙي ڳوٺاڻن سان نه ملڻ بعد ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري گريجوئيٽ نوجوان سعيد احمد ڀرچونڊ کي پي ايس رتوديرو 10تي آزاد اميدوار بيھاري چڏيو آھي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*