گمبٽ ۾ اڳوڻي پ پ ايم پي اي سيد محمد بچل شاھ کي پي ايس 32 جي تڪ جو ٽڪٽ نه ڏيڻ خلاف پ پ جيالن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهيرو ڪيو ويو آهي

ghambat

گمبٽ ۾ اڳوڻي پ پ ايم پي اي سيد محمد بچل شاھ کي پي ايس 32 جي تڪ جو ٽڪٽ نه ڏيڻ خلاف پ پ جيالن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهيرو ڪيو ويو آهي.

غلام مصطفيٰ  ۽ نعيم احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ پ پ ڪارڪنن  بس اسٽيند چوڪ تي ٽائرن کي باھ ڏئي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته پير سيد محمد بچل شاهه جيلانيءَ ڪنگري تعلقي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت طرفان کيس مليل ٽڪيٽ واپس وٺڻ تي اسان کي صدمو رسيو آهي، اسان پنهنجي تڪ ۾ ٻاهرين ماڻهو کي قبول نه ڪنداسين.

احتجاج ڪندڙن پ پ قيادتن سان مطالبو ڪندي چيو ته اڳوڻي پ پ ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاهه جيلانيءَ کي ٽڪيٽ ڏئي پي ايس 32 ڪنگري تعلقي جي ڪارڪنن ۽ عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گذريل رات دير سان پ پ قيادت سيد محمد بچل شاهه جيلانيءَ کان ٽڪيٽ واپس وٺي اڳوڻي پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ کي ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*