تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو آهي ته ڪنهن سان به اتحاد لاءِ باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي

ali qzi

تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو آهي ته ڪنهن سان به اتحاد لاءِ  باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پر ڪنهن جماعت يا آزاد اميدوار سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي،

تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي جو حيدرآباد جي تڪ پي ايس 63 تي نامزدگي فارم منظور ڪيو ويو آهي.

نامزدگي فارم جي منظوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي علي قاضي جو چوڻ هو ته  اسان جي  ملڪ جي 24 ڪلاڪن ۾ صورتحال تبديل ٿي ويندي آهي،  اڄوڪي ڏينهن تي چئي سگهان ٿو ته اليڪشن 25 جولاءِ تي ئي ٿيندي.

هن چيو ته ڪنهن سان اتحاد لاءِ  باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پر ڪنهن جماعت يا آزاد اميدوار سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي.

علي قاضي جو چوڻ هو ته نامزدگي فارم نان ٽيڪنيڪل جي لاءِ مشڪل ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪاروباري معاملا شفاف هجن ته فارم مشڪل ناهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*