حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس اغوا ڪيل نينگري کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Hyd-Map-11816

حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس  اغوا ڪيل نينگري کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

سائره ڪلينڪ سامهون ڪار ۾ سوار  جوابدارن نينگري ماهم کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري اغوا ڪيو.

پوليس مختلف روڊن جي ناڪابندي ڪري نينگري ماهم  کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن وسيم اڪرم راجپوت عرف عثمان ۽ فرخ علي خان کي گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جو پوڻ آهي ته جوابدارن پوليس کي ڏسي انارڪلي سينٽر واري گهٽي مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايڇ او آصف حيات چيو ته جوابدارن جي ڪار به هٿ ڪئي وئي آهي، وڌيج جاچ ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*