ميرپوربٺوري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

mp bathoro badamni

ميرپوربٺوري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڦرن ۽ ٻين وارداتن جي واقعن ۾ واڌ ٿيڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ميرپوربٺوري ۾ نيشنل بئنڪ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي سجاول-حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻ چيو ته بدامني سبب علائقي واسي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن،پر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش ويٺل آهن.

اڳواڻن، آءِ جي سنڌ کان بدامني جو نوٽيس وٺي علائقي کي ڏوهارين کان محفوظ ڪرڻ جي گهر ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*