سکر ويجهو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان لڳل باهه باگڙي برادري جي 8 گهرن کي رک جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي

sukkur home fire

سکر ويجهو بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان لڳل باهه باگڙي برادري جي 8 گهرن کي رک جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

 صالح پٽ ۾ اوچتو هڪ گهر کي لڳل باهه ٻين گهرن کي لپيٽ ۾ آندو، ڏسندي ڏسندي پورهيتن جا 8 گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا.

  باهه متاثرن موجب سندن گهرن ۾ پيل سمورو سامان به سڙي ويو آهي ۽ هو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان ويٺل آهن.

 هنن اختيارين کان سندن واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*