نوابشاهه ۾ نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawaz shah gum

نوابشاهه ۾ نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يوٿ اينڊ اسٽوڊنٽس ڪاميٽي پاران هڪ هفتو اڳ نوشهرو فيروز مان کنڀي گم ڪيل نوجوان نادر ڀنگوار جي بازيابي لاءِ ذاڪر سهتو ۽ فراز عباسي جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگرد اڳواڻن چيو ته سنڌ مان قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري صوبي جي عوام ۾ بيچيني ۽ غير محفوظ هئڻ جو احساس پيدا ڪيو پيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور تي بازياب ڪرائي صوبي جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*