جوهي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۽ گيس جي بندش خلاف پ پ شهيد ڀٽو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
جوهي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۽ گيس جي بندش خلاف پ پ شهيد ڀٽو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
پ پ شهيد ڀٽو ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن يوسف سولنگي ۽ فقيرعيسيٰ باهوٽو جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا.
احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو جوهي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هنن چيو ته سيپڪو اختياريون ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪرڻ باوجود شهر جي مختلف پاڙن ۾ 10 کان وڌيڪ سڙي ويل ٽرانسفار تبديل نه پيون ڪرائين، جڏهن ته سوئي گئس اختياريون گئس بندش شروع ڪري اهنج وڌائي ڇڏيا آهن.
هنن گهر ڪئي ته سيپڪو ۽ سوئي گيس جي ذميوار اختيارين خلاف ڪارروائي ڪري شهرين کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.