ٽنڊوڄام ۾ او جي ڊي سي ايل انتظاميا پاران ڊسپينسري بند ڪري ليڊي ڊاڪٽرز کي برطرف ڪرڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tando jam doctor

ٽنڊوڄام ۾ او جي ڊي سي ايل انتظاميا پاران ڊسپينسري بند ڪري ليڊي ڊاڪٽرز کي برطرف ڪرڻ خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽنڊو عالم مري ڊسپينسري جي ڊاڪٽرن، عملي ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن ڊسپينسري بند ڪري ٻن ليڊي ڊاڪٽرز ڊاڪٽر فرازانه سولنگي ۽ ڊاڪٽر شازيه مير جت کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ خلاف او جي ڊي سي آئل فيلڊ جي گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته او جي ڊي سي ايل ٽنڊو عالم مري جي انتظاميا بنا جواز ڊسپينسري کي بند ڪري ملازمن ۽ غريب عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

ھنن چيو ته ڊسپينسري ۾ 1989 کان غريب عوام جو علاج ڪيو ويندو ھو جنھن کي بند ڪري عوام کان بنيادي سھولت کسي وئي آهي.

ھنن چتاءُ ڏنو ته ڊسپينسري کي کولي ۽ برطرف ڪيل ليڊي ڊاڪٽرز کي بحال نه ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ آئل فيلڊ جي آڏو ڌرڻو هڻي تيل جي سپلائي بند ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*