پاڪستان جي پرڏيهي کاتي لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو

LOC-Firing-13917

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو.

 پرڏيهي کاتي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ سبب هڪ پاڪستاني جي شهادت تي ڀارٽي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط پڻ ڏنو، جنهن ۾ فائرنگ واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.

 پاڪستان چيو ته ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارت مسلسل 203 کان لائين آف ڪنٽرول ۾ فائربندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

پرڏيهي کاتي موجب ڀارتي فوج 2018 تائين 1100 کان وڌيڪ فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*