سنڌ هاءِ ڪورٽ شڪارپور جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين خلاف ۽ حمايت بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ شڪارپور جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين خلاف ۽ حمايت بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

عدالت ۾ ابراهيم جتوئي جي اين اي 198  ۽ اين اي 199،  پي ايس 7، 8 ۽ 9 جي تڪبندين خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

امتياز شيخ ۽ غوث بخش مهر پاران وري تڪبندين جي حمايت ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون.

عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت شهريار مهر جي ٽن صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، شهريار مهر پي ايس 7، 8 ۽ 9 جي تڪبندين خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*