نوابشاهه جي رٽرننگ آفيسر، نامزدگي فارمن خلاف داخل درخواستن تي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي 18 جون تي طلب ڪري ورتو آهي

nawabshah

نوابشاهه جي رٽرننگ آفيسر، نامزدگي فارمن خلاف داخل درخواستن تي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي 18 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

نوابشاهه ۾ رٽرننگ آفيسر وٽ آصف علي زرداري جي اين اي 213 لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي فارم خلاف داخل ٻن درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڌرين جي وڪيلن اعتراضن تي دليل ڏنا.

رٽرننگ آفيسر وڪيلن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ آصف زرداري خلاف داخل ڪرايل درخواستن جون ڪاپيون وڪيلن کي فراهم ڪيون ۽ آصف زرداري کي 18 جون تي طلب ڪري ورتو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آصف علي زرداري پنهنجي ۽ خاندان جي زرعي زمين جو ٽيڪس ادا ناهي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*