ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام ٿي ٿي رهيو آهي

moon sightning

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام ٿي ٿي رهيو آهي،  اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر ۽ موسميات کاتي جا نمائندا پيش ٿيندا، سعودي عرب ۾ به چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس  اڄ ٿيندو.

پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ ڪراچي ميٽ ڪمپليڪس ۾ ٿي رهيو آهي،

اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل رويت هلال ڪميٽي جي ميمبرن سميت موسميات کاتي جا نمائندا به شريڪ ٿيندا.

اجلاس ۾ شوال جي چنڊ بابت ملڪ جي مختلف علائقن مان شاهدتون به ورتيون وينديون.

موسميات کاتي موجب، شوال جي چنڊ جي پيدائش رات 12 وڳي ٿي وئي آهي ۽  شام جي وقت اُن جي عمر 19 ڪلاڪ 3 منٽ هوندي.

هوڏانهن سعودي عرب ۾ به چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس  اڄ ٿيندو. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*