سيڪيورٽي فورسز جي بمباري ۾ 19 دهشتگرد مارجي ويا آءِ ايس پي آر

خيبر ايجنسي جـَي سند پال واري علائقي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊرز سميت 19 دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بمباري ۾ دهشتگردن جا 5 ٿاڪ ۽ هٿيارن جو ذخيرو پڻ تباهه ڪيو ويو آهي.

 آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي خيبر ايجنسي جي سند پال واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي بمباري ڪري ڏني.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ ٿاڪن اندر موجود اهم ڪمانڊرن سميت 19 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جا پنج ٺڪاڻا  پڻ  تباهه  ٿي  ويا.

آءِ ايس پي آر  موجب جيٽ جهازن جي بمباري ۾ دهشتگردن جي هٿيارن جو ذخيرو پڻ تباهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*