نگران وڏي وزير فضل الرحمان پاران پاڻيءَ چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

cm fazal

نگران وڏي وزير فضل الرحمان پاران پاڻيءَ چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته، بااثر زميندار پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪريو ۽ ماڻهن تائين پاڻي پهچايو، .

سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ پاڻي جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. آبپاشي کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نگران وڏي وزير فضل الرحمان پاران پاڻيءَ چوري کي روڪڻ لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري ايريگيشن کي رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ جاين جي نشاندهي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

وڏي وزير پُڇڙي جي علائقن تائين پاڻيءَ جي پهچ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته، بااثر زميندار پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪريو ۽ ماڻهن تائين پاڻي پهچايو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*