سپريم ڪورٽ، پرويز مشرف جي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران مشرف جي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري عبوري حڪم کي واپس وٺي ڇڏيو

Supreme-Lahore-rigistry-28716

سپريم ڪورٽ، پرويز مشرف جي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران مشرف جي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري عبوري حڪم کي واپس وٺي ڇڏيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ چار رڪني خاص بينچ لاهور رجسٽري ۾ پرويز مشرف جي طلبي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته خبر وٺي ٻڌايو ته پرويز مشرف اچي رهيو آهي يا نه، اسٽاف کي عيد جي موڪلن تي وڃڻو آهي.

چيف جسٽس چيو ته اسان ڪيس جي ٻڌڻي 2 وڳي ڪئي آهي، جيڪڏهن مشرف کي اچڻو آهي ته انتظار ڪري ٿا وٺون.

ان موقعي تي چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل پرويز مشرف جي ڏيههواپسي بابت فوري اپ ڊيٽ وٺي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي ٿوري دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ٿوري دير بعد پرويز مشرفجي وڪيل قمر الفضل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سندس موڪل ڏيهه واپس نه اچي رهيو آهي.

پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته مشرف اچڻ چاهي ٿو پر موجوده حالتن ۽ موڪلن سبب هو ڏيهه واپس نه پيو اچي.

جنهن تي سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وارو عبوري حڪم واپس وٺندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالتي حڪم بعد پرويز مشرف عام چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*