ڪنڌڪوٽ ويجهو گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ويجهو گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ، مارجي ويل ڳوٺاڻي جي وارثن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ مسو گولو ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ڳوٺاڻو سردار گولو مارجي ويو.

ڪنڌ ڪوٽ پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي  لاش تحويل ۾وٺي  اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو،جنهن جي نتيجي م ٽن صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هٿياربندن بيگناهه فائرنگ ڪري سردار گولو کي قتل ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيوآهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*