گمبٽ ۾ناريءَ مڙس سان جهيڙي کانپوءِ پنهنجي ٽن نياڻين سميت روهڙي ڪئنال ۾ٽپو ڏئي مبيناطور آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

ghambat

گمبٽ ۾ناريءَ مڙس سان جهيڙي کانپوءِ پنهنجي ٽن نياڻين سميت روهڙي ڪئنال ۾ٽپو ڏئي مبيناطور آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ماڻهن ٽپو ڏيڻ کان روڪي بچائي ورتو.

مھراڻ ڪالوني واسڻ ناريءَ فريده ناريجو مڙس سان جھيڙو ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نياڻين حفيظان، عريضا ۽ طيبا سوڌوگهران نڪري روهڙي ڪئنال تي پهچي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪئنال تي موجود ماڻھن عورت ۽ سندس  ٽن نياڻين کي بچائي ورتو.

اطلاع تي فقير آباد پوسٽ جي پوليس موقعي تي پهچي وئي، جنهن عورت ۽ سندس نياڻين کي ساڻ ڪري گمبٽ ٿاڻي تي پهچايو.

عورت ٻارڙن سميت گمبٽ ٿاڻي تي موجود هئي، جڏهن ته پوليس پاران وارثن کي اطلاع ڏنو ويوهو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*