وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪري ڇڏيو

Musharaf-30716

وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪري ڇڏيو، گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪيو ويو آهي.

وفاقي گهرو وزارت اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد پرويز مشرف ڪنهن به ملڪ اچي ۽ وڃي سگهي.

گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم بعد پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪيو آهي.

واضح رهي ته اڄ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي ٻيهر طلب ڪيو هو پر هو حاضر نه ٿيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*