ڀارتي آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي، ڀارتي آرمي چيف جنرل راوت چيو آهي ته اسان جيترا ماڻهو ماريون ٿا

indian army chief rawat

ڀارتي آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي، ڀارتي آرمي چيف جنرل راوت چيو آهي ته اسان جيترا ماڻهو ماريون ٿا،  ان کان وڌيڪ تحريڪ ۾ شامل ٿين ٿا، والاريل ڪشمير ۾ امن کي موقعو ملڻ گهرجي، ڳالهيون تمام ضروري آهن، ڪشمير ۾ ماڻهن کي مارڻ کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو .

هڪ انٽرويو ڏيندي ڀارتي آرمي چيف جنرل راوت چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا، ڳالهيون ضروري آهن،

هن چيو ته اسان مداخلت تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا پر هٿياربند جدوجهد ۾ مقامي ڪشميري نوجوانن جي شموليت جو سلسلو اڳتي وڌي سگهي ٿو،

جنرل راوت چيو ته نوجوان کي جيپ اڳيان ٻڌي گهمائڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي،  واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

ڀارتي آرمي چيف چيو ته جيترا ماڻهو ماريون ٿا ان کان وڌيڪ نوجوان هٿياربند جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃن ٿا تنهن ڪري امن کي وڌيڪ موقعو ملڻ گهرجي …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*