ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار هڪ ڀيرو ٻيهر نوان صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

farooq sattar، فاروق ستار چيو آهي ته پيپلزپارٽي هاڻ به سرڪاري وسيلا ۽ آفيسرن جو استعمال ڪري رهي آهي، جيڪا چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني لاءِ ريٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيو پر نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني مڪمل نه ٿي سگهي.

ريٽرننگ آفيسر، فاروق ستار کي ٻڌايو ته سندس نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني عيد کانپوءِ مڪمل ڪئي ويندي،

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هاڻ به سرڪاري وسيلا ۽ آفيسرن کي استعمال ڪري رهي آهي، جيڪا چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي.

هن چيو ته پري پول ريگنگ ٿي رهي آهي پر اسان جي ڪا به ٻڌڻي نه پئي ٿئي.

فاروق ستار چيو ته هن ڀيري هڪ مثالي آدمشماري ٿيڻي هئي، جيڪا نه ٿيڻ سبب سڀ کان وڏو نقصان ڪراچي کي ٿيو آهي، هتي ماڻهن ۾ بي چيني ۽ ڪاوڙ آهي، پر اسان انهن کي صبر جي هدايت ڪئي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ چيو ته آدمشماري ۾ آبادي کي گهٽ ڏيکاريو ويو اهي، عوام کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو پيوو ڃي، آئيني ۽ انتظامي سڌارا نه ڪيا ويا ته اليڪشن جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. …………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*