مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر چيو آهي ته اسان کي سزا ملي يا نه ملي

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر چيو آهي ته اسان کي سزا ملي يا نه ملي، ان کي منهن ڏينداسين پر عمران خان عدالتن کي ڊڪٽيشن نه ڏئي، اسان جي جيل وڃڻ سان عمران خان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، رهندو کيس نقصان ٿيندو، جيڪڏهن عمران ٻيو جنم به وٺي اچي تڏهن به سندس هٿ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي لڪير نه هوندي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر چيو ته مائرون سڀني جون هونديون آهي، اسان جي والده کي قوم جي دعائن جي ضرورت آهي،

هن چيو ته زندگي ۾ ڏکيائون اينديون آهن ۽ ان سان گڏ الله حوصلو به ڏيندو آهي، ميان صاحب ۽ سندس ڪٽنب پريشاني ۾ آهي ، پوءِ به هو واپس ايندا.

ڪئپٽن صفدر چيو ته پرويز مشرف، نوازشريف کي جلا وطن ڪيو پر پوءِ به هو ڏيهه واپس آيو ۽ ملڪ جي لاءِ رڪ جي ديوار بڻجي بيٺو آهي.

هن چيو ته نوازشريف دنيا ۾ جتي به هجي قوم سمجهندي آهي ته هو ملڪ کي نجات ڏياريندڙ آهي.

نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته اسان کي سزا ملي يا نه ملي، ان کي منهن ڏينداسين پر عمران خان عدالتن کي ڊڪٽيشن نه ڏئي.

هن چيو ته اسان جي جيل وڃڻ سان عمران خان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو، رهندو کيس نقصان ٿيندو،

ڪئپٽن صفدر چيو ته جيڪڏهن عمران خان ٻيو جنم به وٺي اچي تڏهن به سندس هٿ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي لڪير نه هوندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*