سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ سرڪاري زمين الاٽ ۽ ليز ڪرڻ سميت 40 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ ۾ سرڪاري زمينون من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ سرڪاري زمين الاٽ ۽ ليز ڪرڻ سميت 40 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ ۾ سرڪاري زمينون من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته قبضا مافيا ملڪ کائي وئي آهي، رياست  جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته گهر ويٺي من پسند ماڻهن کي زمين الاٽ ڪئي وڃي ٿي، ڪنهن کي سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، قانون کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪنداسين.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ۾ ڪهري قانون تحت سرڪاري زمين الاٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ وري مرضي موجب چئن ماڻهن تي ٻڌل ڪيٽي به ٺهي وڃي ٿي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيوت ته هي سڀ بدمعاشيون هلي رهيون آهن، ڪنهن کي سرڪاري زمينن تي قبضي جي اجازت نه ڏينداسين.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پني جي متان لکيل آهي ناٽ ٽو ڪرپشن پر هيٺ ڪرپشن ئي ڪرپشن لکيل آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسان ڪرپشن جا دروازا کولڻ جي اجازت نه ڏينداسين، چيف سيڪريٽري ۽ بورڊ آف روينيو جا ميمبر ڪٿي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*