باڊھ ۾ عيد ڏھاڙي پراسرار نموني گم ٿي ويل اڍائي ورهين  جي ٻارڙي جو پتو پئجي نه سگهيو آهي

باڊھ ۾ عيد ڏھاڙي پراسرار نموني گم ٿي ويل اڍائي ورهين  جي ٻارڙي جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

ڳوٺ دڙا مان عيد ڏھاڙي اڍائي ورهين جي نينگريءَ زويا ڌي عبدالحفيظ جوڻيجو پراسرار نموني گم ٿي وئي.

سندس وارث عورتن پاڪ ڪتاب کڻي شھر جي مختلف پاڙن ۾ در در وڃي  ٻارڙيءَ جي ڳولا ڪئي، پر پتو پئجي نه سگهيو آهي.

ٻارڙي جي والد عبدالحفيظ جوڻيجو جو چوڻ آ ته باڊھ پوليس احتجاج بعد  نينگري کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرائڻ جي مهلت ورتي هئي، جيڪا گذري وئي پر نينگري بازياب نه ٿي سگهي آھي.

هن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي  ته سندس معصوم نياڻي زويا جوڻيجو کي فوري طور بازياب ڪرائي سندن پريشاني دور ڪئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*