محرابپور  ڀرسان روھڙي ڪينال مان ھڪ اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب لاش 10کان 12 ڏينهن پراڻو آهي

محرابپور  ڀرسان روھڙي ڪينال مان ھڪ اڻڄاتل عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن موجب لاش 10کان 12 ڏينهن پراڻو آهي.

شهر ڀرسان روهڙي ڪئنال ۾ نوجوان عورت جو لاش  ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن تي پوليس پهچي لاش ٻاهر ڪڍرائي اسپتال پهچايو.

ڊاڪٽرن موجب ھٿ ڪيل لاش 10 کان 12 ڏينهن پراڻو آهي، جڏهن ته پوليس ٻڌايو ته عورت  جي جسم  تي بادامي ڪلر جا ڪپڙا  پھريل آهن.

آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*