ٽنڊوڄام ويجهو اوجي ڊي سي ايل ٽنڊي عالم مري جي انتظاميا پاران ڊسپينسري بند ڪري ڊاڪٽرياڻين کي برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ٽنڊوڄام ويجهو اوجي ڊي سي ايل ٽنڊي عالم مري جي انتظاميا پاران ڊسپينسري بند ڪري ڊاڪٽرياڻين کي برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ، سائين بخش ڏهيو ۽ ڊاڪٽر شازيه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي آئل فيلد جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو ھڻي زوردار نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي سبب فيلڊ مان تيل فراهمي معطل ٿي وئي.

 ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ هو ته انتظاميا بنا جواز ڊسپينسري کي بند ڪري ڊاڪٽر برطرف ڪيا آھن.

 هنن چتاءَ ڏنو ته جيستائين بند دسپينسري کولي برطرف داڪٽر بحال نه ڪيا ويندا سندن احتجاج جاري رھندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*