سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تحت شهيد ٿي ويل 8 وڪيلن جي وارثن کي جلد معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تحت شهيد ٿي ويل 8 وڪيلن جي وارثن کي جلد معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليلن ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تحت 54 وڪيلن کي شهيد ڪيو ويو، جن مان 46 وڪيلن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ شهيد وڪيلن جي وارثن کي معاوضو نه ملڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل دليلن ۾ چيو ته 8 شهيد وڪيلن بابت معلومات نه هئڻ ڪري سندن وارثن کي معاوضو ملي نه سگهيو آهي.

عدالت بار اڳواڻ حيدر امام رضوي کي هدايت ڪئي ته رهيل شهيد 8 وڪيلن جي وارثن بابت تفصيل ايڊووڪيٽ جنرل کي فراهم ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهيد ٿي ويل سڀني وڪيلن جي وارثن کي جلد کان جلد معاوضو ادا ڪيو وڃي بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*