سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جي ايم پيمرا کي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جي ايم پيمرا کي طلب ڪري ورتو، طلال چوڌري جو وڪيل ڪامران مرتضي عدالت ۾ پيس نه ٿيو، جنهن سبب ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري  ڇڏي .

سپريم ڪورٽ ۾ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، طلال چوڌري جو وڪيل ڪامران مرتضيءِ پيش نه ٿيو.

ٻڌڻي دوران جسس گلزار ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي بينچ خصوصي طور جوڙي وئي آهي، مان ۽ جسٽس فيصل عرب ڪراچي کان ان ڪري ئي آيا آهيون.

جسٽس گلزار چيو ته طلال چوڌري صاحب، اوهان ٻڌايو ڇا ڪرڻو آهي، اوهان جو وڪيل ناهي آيو ته  پوءِ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون. اسان ڪيس کي ملتوي نه ڪنداسين.

طلال چوڌري چيو ته چونڊ وڙهي رهيو آهيان، چونڊن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وڃي.  جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته هاڻ ايئن نه ٿيندو، سڀاڻي لاءِ ٻڌڻي ملتوي  ڪري سگهون ٿا.

طلال چوڌري چيو ته مان تمام گهڻين ڏکي حالتن مان گذري رهيو آهي، جنهن تي جسٽس گلزار چيو ته اسان خاص طور تي انهي ڪيس لاءِ ويٺا آهيون، اليڪشن  ته اوهان جو ڪاروبار آهي،

جسٽس گلزار چيو ته اهو معاملو اوهان کوليو آهي، اوهان ڳالهايو ته ڪورٽ نوٽيس ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪيون ٿا.

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪامران مرتضيٰ موجو نه هجي ته متبادل وڪيل پيش ٿئي، ايندڙ ٻڌڻي 21 جون تي ئي ٿيندي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد جي ايم پيمرا  محمد طاهر کي  21 جون تي طلب ڪري ورتو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*