اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مون تي ڪيل اعتراض پراڻا آهن

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مون تي ڪيل اعتراض پراڻا آهن، پيپلزپارٽي جا اميدوار ضرور ڪامياب ٿيندا، جنهن  به پارٽي کٽيو، ان سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته مان ڇنڊڇاڻ لاءِ آيو هيس، مون تي لڳايل اعتراض پراڻا آهن، منهنجي اڳوڻي نااهلي جي حوالي سان به اعتراض ڪيا ويا آهن،

هن چيو ته نواز لياقت علي خان منهنجي پينل ۾ شامل هيو ۽ آهي. ملتان جو وڏو حصو شجاع آباد ۾ شامل آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جا بزرگ هتان ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. ليڊر شپ موجود هجي ته پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهن.

هن چيو ته اسان سرائيڪي صوبي جي ڳالهه ڪئي، سرائيڪي صوبي جو نالو اسان ڏنو، اڄ حڪمران به صوبي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن،

يوسف رضا گيلاني چيو ته جيڪا پارٽي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي، ان سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*