لاڙڪاڻو جي شيخ زيد وومين ۽ چلڊرين اسپتال ۾ دوائون نه ملڻ جي شڪايتن ۽ صفائي نه هئڻ تي ايم ايس ۽ ٻين کي هاءِ ڪورٽ طلب ڪيو ويو آهي

لاڙڪاڻو جي شيخ زيد وومين ۽ چلڊرين اسپتال ۾ دوائون نه ملڻ جي شڪايتن ۽ صفائي نه هئڻ تي ايم ايس ۽ ٻين کي هاءِ ڪورٽ طلب ڪيو ويو آهي.

 هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي ججز شيخ زيد وومين ۽ چلڊرين اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو.

 ان موقعي تي جسٽس آفتاب ڳورڙ ۽ ٻين ججز مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان ملاقات ڪئي.

 مريضن ججز آڏو اسپتال ۾ دوائن نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

  شڪايتن تي ججز ڊاڪٽرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پگهار حلال ڪري کائو دل چوي ٿي ته توهان کي جيل حوالي ڪري ڇڏيون.

 اسپتال ۾ صفائي ۽ مريضن جي شڪايتن تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻين واڳيل عملدارن کي سڀاڻي هاءِ ڪورٽ طلب ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*