ميزبان روس فيفا فٽبال رولڊڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سعودي عرب کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏيڻ بعد ٻي ميچ ۾ مصر جي ٽيم کي به هارائي ڇڏيو آهي

ميزبان روس فيفا فٽبال رولڊڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ سعودي عرب کي هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏيڻ بعد ٻي ميچ ۾ مصر جي ٽيم کي به هارائي ڇڏيو آهي.

روس جي شهر پيٽرسبرگ ۾ کيڏي ويل ميگا ايونت جي گروپ اي جي سلسلي ۾ کيڏي ويل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

 ميچ ۾ ميزبان ملڪ جي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي،جن مخالف ٽيم جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري کين کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو ۽ کين هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

روس جي ٽيم پاران اي فتيهي ،چريشيو ۽زيوبا هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ته مصر پاران واحد گول اسٽار فٽبارل محمد صلاح ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*