فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي گروپ ايڇ جي هڪ اهم ميچ ۾ سينيگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پولينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي  ڇڏي آهي

فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي گروپ ايڇ جي هڪ اهم ميچ ۾ سينيگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پولينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي  ڇڏي آهي.

روس جي شهر ماسڪو ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي گروپ ايڇ جي ميچ دلچسپ ۽سخت ثابت ٿي.

 ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي، جن هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري گول اسڪور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.

سينيگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد پولينڊ جي ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

سينيگال پاران ڪوئنڪ ۽نيانگ هڪ-هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ته پولينڊ پاران رچويڪ هڪ گول اسڪور ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*