ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايگزيٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ ٻين  جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايگزيٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ ٻين  جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

شعيب شيخ، محمد جنيد ۽ يونس پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڪيس جي شاهدن کي گهرائي ورتو،ٻڌڻي 4 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

حتمي چالان جي متن ۾ چيو ويو ته جوابدارن تي 207 چيڪن ذريعي 17 ڪروڙ روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*