سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ 2 رڪني خاص بئنچ جوڙي ڇڏي، پوليس جي رپورٽ کي رد ڪيو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ 2 رڪني خاص بئنچ جوڙي ڇڏي، پوليس جي رپورٽ کي رد ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس پاران 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل خاص بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

عدالت پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، 22 جون تي سي سي پي او ڪراچي ۽ اي آءِ جي ليگل کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

بئنچ رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ ڪيس جي پوزيشن ڇا آهي.

درخواست ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي باني، اڳوڻي گهرو لاحڪار وسيم اختر کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪم تي ايم ڪيو ايم 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ قتل عام ڪرايو.

درخواست ۾ چيو ويو ته اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌري جو رستو روڪڻ لاءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪري ماڻهو ماريا، واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.

12 مئي واقعي بابت مختلف ٿاڻن تي 54 ڪيس داخل ٿيل آهن، سانحي جي نئين سر جاچ ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*