اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته 20 ڪروڙ عوام جي قسمت ناتجربيڪار شخص جي هٿن ۾ نٿي ڏئي سگهجي

اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته 20 ڪروڙ عوام جي قسمت ناتجربيڪار شخص جي هٿن ۾ نٿي ڏئي سگهجي، قانون موجب، نامزدگي ڪاغذن جو فيصلو ٿيندو. قيادت جي غير موجودگي ۾ اميدوارن تمام سٺي مهم هلائي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان اڄ ته مڪاني چونڊ نه وڙهي آهي، کيس عام چونڊن بابت  ڪو به تجربو نه آهي.

هن چيو ته 20 ڪروڙ عوام جي قسمت ناتجربيڪار شخص جي هٿن ۾ نٿي ڏئي سگهجي،

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته چونڊن ۾ مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪنداسين، ن ليگ سڄي ملڪ مان اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪري پنهنجو مشن اڳتي وڌائيندي.

هن چيو ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن، هاڻي اليڪشن مهم جي شروعات ڪندس.

احسن اقبال چيو ته سياست نوٽن سان نه پر عوام جي دلين سان ڪئي ويندي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*