بليڪ لسٽ ۾ نالو هئڻ باوجود سعودي عرب جو دورو ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري ۽ گهرو وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو

بليڪ لسٽ ۾ نالو هئڻ باوجود سعودي عرب جو دورو ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري ۽ گهرو وزارت کان جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ بينچ درخواستگذار محمد ڪوثر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آرمي ايئر بيس نور خان کي پبلڪ طور تي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو، عمران خان جي هڪ فون ڪال تي زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪيئن ڪڍيو ويو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جڏهن ڪنهن شخص تي سفري پابنديون لڳايون وينديون آهن ته بغير ڪنهن اجازت جي ڪئين سفر ڪري سگهجي ٿو، زلفي بخاري کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ ڇهن ڏينهن جي ڇوٽ ڪهڙي قانون تحت ڏني وئي؟

عدالت گهرو وزارت سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*