سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته قيادت جي چوڻ تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا

سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته قيادت جي چوڻ تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جيڪڏهن قيادت ٽڪيٽ سيد جاويد علي شاهه کي ڏني ته به سڀ کان پهرين مهم مان شروع ڪندس، فالج جو مريض آهيان پر ملڪ لاءِ مون وٽ اڳ کان وڌيڪ طاقت آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته قيادت جي چوڻ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جيڪڏهن قيادت ٽڪيٽ سيد جاويد علي شاهه کي ڏني ته سڀ کان پهرين مان مهم هلائيندس.

هن چيو ته ن ليگ جي قيادت کي ڪيسن ۾ منجهائي ن ليگ لاءِ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

سينيئر سياستدان چيو ته مون کي ٽڪيٽ ملي يا نه ملي پر نوازشريف سان گڏ بيٺو آهيان.

هن چيو ته مان فالج جو مريض آهيان پر ملڪ لاءِ مون وٽ اڳ کان وڌيڪ طاقت آهي، جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکندس.

جاويد هاشمي چيو ته ختم نبوت بابت اسان ڪڏهن به غلط نٿا سوچي سگهون، اسان لبيڪ يا رسول الله چوندا رهنداسين…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*