لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 جوابدارن کي 3 -3 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2013ع ۾ قمبر ويجهو اغوا بعد بازياب ڪرايل نوجوان اياز ۽ قربان مغيري جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار اڪبر بليدي، اعجاز، سڪندر بليدي، حاڪم جانوري، برڪت جانوري، منظور جانوري، نصرت جانوري ۽ فدا حسين مغيري سميت 9 ڄڻن کي 3-3 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*