نگران وزيراعظم ناصرالملڪ سان گورنر محمد زبير ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ سان گورنر محمد زبير ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، ملاقات دوران نگران وڏو وزير فضل الرحمان به موجود هو.

گورنر هائوس ۾ نگران وزيراعظم ناصرالملڪ سان گورنر محمد زبير ملاقات ڪري ايندڙ عام چونڊن سميت امن امان صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

نگران وزيراعظم ناصر الملڪ چيو ته چونڊن ۾ سڀني سياسي پارٽين کي هڪجهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

هن چيو ته ايندڙ عام چونڊون اسان جي سياسي تاريخ ۾ اهم موڙ ثابت ٿينديون، صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا.

ان کان اڳ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ قائداعظم جي مزار تي حاضري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*