پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نون ليگ 5 سالن جي عرصي ۾ عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نون ليگ 5 سالن جي عرصي ۾ عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، اربين رپيا اورينج لائين تي خرچ ڪيا ويا پر لوڊشيڊنگ ختم ناهي ٿي.

 خانپور مهر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو  ته ايم ڪيو ايم ڌڙابندي جو شڪار آهي، هن اليڪشن ۾ ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ سيٽون پ پ حاصل ڪندي.

 خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي يوٽرن وٺڻ جي عادت آهي، عمران خان جي پارٽي 3 ڪروڙ آباديءَ وارو هڪ صوبو نه هلائي سگهي ته هو سڄو ملڪ ڪيئن هلائيندو.

 خانپور مهر ۾ پارٽي اڳواڻ سان عيادت ڪرڻ کان پوءِ  هن وڌيڪ چيو ته پ پ مخالف اتحاد ٺهندا رهندا آهن، جي ڊي اي جو پ پ تي ڪو فرق نه پوندو، هنن وٽ ڪو منشور ناهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*