جيڪا ٽيم ميچ واري ڏينهن سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي ڪاميابي ان کي نصيب ٿيندي، مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چُوڻ آهي ته ميزبان آسٽريليا ڪوارٽر فائنل ۾ فيوريٽ آهي پر ضروري نه آهي هميشه فيوريٽ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق جو چوڻ هو  ته جيڪا ٽيم ميچ واري ڏينهن سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي ڪاميابي ان کي نصيب ٿيندي.

هن چيو ته سڀاڻي جيڪڏهن قومي ٽيم ميزبان آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته اها پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان وڏي فتح هوندي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته آسٽريلوي ٽيم جي موجوده ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي ۽ هوءَ ڪوارٽر فائنل لاءِ فيوريٽ آهن ۽ميزبان ٽيم ميگا ايونٽ کان پهرين ڏکڻ آفريڪي ٽيم خلاف ون ڊي سيريز ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر ضروري نه آهي ته فيوريٽ ٽيم کي هميشه ڪاميابي حاصل ٿئي.

مصباح الحق جو چوڻ هو ته هن رانديگرن مٿان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ميچ واري ڏينهن ٽنهي شعبن ۾ سو سيڪڙو  سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪن ۽ دٻاءِ هيٺ اچڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

ان موقعي ته آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ جوچوڻ هو ته پاڪستان جي ٽيم کي شڪست ڏيڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو مخالف ٽيم کي آسان حريف نٿا سمجهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*