روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ ٽي ميچز کيڏيون وينديون

روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ ٽي ميچز کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ ڊينمارڪ جي ٽيم آسٽريليا سان ٻين ميچ ۾ فرانس پيرو سان ۽ آخري ميچ ارجنٽينا ۽ ڪروشيا جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

روس جي مختلف شهرن ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ ٽي ميچز کيڏيون وينديون.

ايونٽ جي پهرين ميچ گروپ سي ۾ ڊينمارڪ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ سمارا ۾ کيڏي ويندي.

گروپ سي جي ئي ميچ ۾ فرانس جي ٽِيم پيرو سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته اڄ جي آخري ميچ گروپ ڊي جي ارجنٽينا ۽ ڪروشيا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ دنيا جي بهترين ٽِيمن وچ ۾ دلچسپ ۽سخت مقابلا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن ۾ اسٽار فٽبالرز پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*